ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي ڪچي جي ڌاڙيلن کي وڏي آڇ ڪندي چيو آهي سريندڙ ڪندڙ ڌاڙيلن کان هٿيار وٺي کين انهن جي رقم ادا ڪنداسين.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ واضح ڪيو ته پوليس هاڻ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ذريعي ڏوهارين جو خاتمو ڪندي.
هن چيو ڌاڙيل سرينڊر ڪن ٿا ته انهن جي حياتي بچي ويندي ۽ سرينڊر ڪندڙ عدالتن مان رليف وٺي سگهن ٿا، اهي هيٿار ڦٽا ڪري اچن ته اسان کين رقم ڏينداسين پر جيڪو سرينڊر نه ڪندو ته ان کي سختي سان منهن ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته هن ڀيري آپريشن ۾ پنجاب پوليس کان به مدد ورتي ويندي ۽ ٻنهي صوبن جي پوليس گڏجي ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن جو خاتمو ڪندي، اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ڪچي جو ناسور ختم ٿئي ۽ امن بحال ٿئي.
You might also like