ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پورٽ تي فيري ٽرمينل جو افتتاح ڪيو ويو، ايراني بندرگاهه چاه بهار لاءِ پهرين فيري جي شروعات 20 جنوري کان ٿيندي.
ڪراچي بندرگاهه جي ايسٽ هارف تي پهرئين فيري ٽرمينل جو افتتاح ڪيو ويو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو ته فيري ٽرمينل ۽ سروس ميري ٽائم سيڪٽر لاءِ وڏو موقعو آهي.
هن چيو ته ڪراچي پورٽ جو اهو فيري ٽرمينل ڪنهن به قسم جي ايئرپورٽ سهولتن کان گهٽ ناهي، ان ٽرمينل سان مسافرن جو اميگريشن، ڪسٽم ۽ روانگي جو عمل طئي ٿيندو، چين مان چار آپريٽرز فيري سروس هلائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي خواهش آهي ته بليو اڪانومي کي مضبوط ڪنداسين.
ان موقعي تي فيري آپريٽر چيو ته ڪراچي کان چاه بهار تائين ڀاڙو 50 هزار رپيا هوندو، شام 5 وڳي شروع ٿيندڙ اهو سفر 16 ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو، فيري هفتي ۾ ٻه ڀيرا چاه بهار ويندي.
Next Post
You might also like