سڊني (ويب ڊيسڪ) ايشز جي آخري ٽيسٽ ۾ آسٽريليا انگلينڊ کي پنجن وڪيٽن سان هارائي سيريز 1-4 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
آسٽريليا سڊني ۾ کيڏيل سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ پنج وڪيٽن سان ڪاميابي حاصل ڪئي.
سڊني ٽيسٽ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 384 ۽ ٻي ۾ 342 رنسون ٺاهي سگهي، پهرين اننگز ۾ جوءِ روٽ ۽ ٻي اننگز ۾ جيڪب بيٿل سينچري اسڪورون ڪيون.
آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 567 رنسون ٺاهي هيون، جڏهن ته ٻي اننگز ۾ 160 رنسن جو هدف پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ٽرويس هيڊ کي شاندار ڪارڪردگي تي ميچ ۽ مچل اسٽارڪ کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ان کانسواءِ ميچ ۾ تجربيڪار بيٽر اسٽيو سمٿ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڪلاس جو مظاهرو ڪندي شاندار سينچري اسڪور ڪئي ۽ ڪيئي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيا.
سڊني ٽيسٽ سان گڏوگڏ آسٽريليا جي پهرين مسلمان ڪرڪيٽر عثمان خواجا جو عالمي ڪيريئر به پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، هن پهرين اننگز ۾ 17 ۽ ٻي اننگز ۾ 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
خواجا جو ميدان کي الوداعي سلام، آخري ٽيسٽ ۾به انگلينڊ کي شڪست، آسٽريليا ايشز سيريز 1-4 تان کٽي ورتي
You might also like