اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پهرين جنوري کان بجلي جي سراسري بنيادي ٽيرف ۾ هڪ رپيو 79 پيسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي.
نيپرا ڊسڪوز جي درخواست تي بجلي جي سراسري بنيادي ٽيرف بابت پنهنجو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جيڪو وفاقي حڪومت کي موڪليو ويو آهي، اهو فيصلو وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ لاڳو ٿيندو.
نيپرا موجب جنوري 2026 کان في يونٽ بجلي جو سراسري اگهه 33 رپيا 38 پيسا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن وقت لاڳو اگهه 31 رپيا 59 پيسا آهي، نيپرا جو مقرر ڪيل نئون ٽيرف موجوده ٽيرف کان هڪ رپيو 79 في يونٽ وڌيڪ آهي.
You might also like