پي آءِ اي جو لاهور مان به لنڊن لاءِ اڏامون شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) لاهور کان لنڊن لاءِ به فضائي آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي آءِ اي طرفان لاهور کان لنڊن اڏامن جي شروعات 6 سالن جي وقفي کانپوءِ ڪئي پئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ پهرين اڏام مارچ ۾ لاهور کان لنڊن رواني ٿيندي.
انهن اڏامن جي شروعات کانپوءِ برطانيا لاءِ پي آءِ اي جي اڏامن جو هفتيوار انگ 7 ٿي ويندو، پابندي کان اڳ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن پاڪستان مان لنڊن لاءِ هفتيوار 10 اڏامون هلائيندي هئي.
پي آءِ اي ترجمان چيو ته لنڊن لاءِ اڏامن ۾ هوريان هوريان واڌ ڪئي ويندي، اڳ ئي اسلام آباد کان لنڊن لاءِ هفتيوار 3 اڏامن جي شروعات جو اعلان ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.