علي ترين جو پي ايس ايل ٽيمن جي نيلاميءَ واري عمل ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٻن نين ٽيمن جي نيلامي کان اڳ ملتان سلطانز جي اڳوڻي مالڪ علي ترين ٻولي واري عمل ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ علي ترين چيو آهي ته ”مون ۽ منهنجي ڪٽنب اڄ پي ايس ايل فرنچائز جي نيلاميءَ واري عمل ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“
هن چيو ته ”ملتان سلطانز پاڻ وٽ رکڻ جو مقصد ڪڏهن به رڳو ڪرڪيٽ ٽيم جي مالڪي حاصل ڪرڻ سان نه هو، هي سڀ ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان هو، هي سڀ اهڙي علائقي کي آواز ڏيڻ لاءِ هو جنهن کي ڊگهي عرصي کان نظرانداز ڪيو ويو.“
علي ترين جو چوڻ هو ته ”جيڪڏهن مان ٻيهر پي ايس ايل ڏانهن موٽيس ته منهنجو مقصد به اهو ئي هوندو، ڏکڻ پنجاب منهنجو دل ۽ منهنجو گهر آهي.“
واضح رهي ته ملتان سلطانز علي ترين جي ملڪيت هئي، پر گذريل سال پي ايس ايل انتظاميا سان اختلافن سبب اها فرنچائز کائنس واپس ورتي وئي هئي.
ڪجهه اڳ پي ايس ايل انتظاميا اشارو ڏنو هو ته علي ترين کي نئين ٽيم خريدڻ واري لاءِ نيلاميءَ واري عمل ۾ حصو وٺڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته علي ترين به ان عمل ۾ حصو وٺڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو.
ياد رهي ته پي ايس ايل ۾ ٻن نين ٽيمن جي نيلامي مقامي ۽ پرڏيهي ڪمپنين سميت مجموعي طور نوَن خواهشمند ڌرين وچ ۾ مقابلي طور ٿيندي، جڏهن ته هن ڀيري فرنچائز وڪرو ڪرڻ وارو عمل ماضي کان مختلف هوندو.
پهريان استعمال ٿيندڙ سيلڊ بڊ طريقيڪار بدران، پي سي بي اوپن آڪشن جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سبب ٻولي جي قيمت وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.