قومي سلامتي بابت زيرو ٽالرنس پاليسي، خودمختياري جو تحفظ پاڪ فوج جي پهرين ترجيح آهي: فيلڊ مارشل

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ)چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته قومي سلامتي کي درپيش خطرن بابت زيرو ٽالرنس پاليسي آهي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو تحفظ پاڪ فوج جو پهريون مشن آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير لاهور گيريزن جو دورو ڪيو، جتي کيس آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل فارميشن جي انتظام هيٺ ٿيندڙ تربيتي مشقن جو جائزو ورتو، فيلڊ مارشل مستقبل جي جنگين بابت تيارين ۽ جدت اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ جوانن کي مهيا ڪيل راندين ۽ تفريحي سهولتن کي ساراهيو.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل سي ايم ايڇ لاهور ۾ هاءِ ڪيئر سينٽر جو به دورو ڪيو، فيلڊ مارشل طبي عملي ۽ انتظاميا جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي.
لاهور گيريزن ۾ آفيسرن کي خطاب دوران چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته قومي سلامتي کي درپيش خطرن بابت زيرو ٽالرنس پاليسي آهي، پاڪ فوج هر قسم جي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو تحفظ پاڪ فوج جو اولين مشن آهي.
فيلڊ مارشل جو چوڻ هو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون ملڪ جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اندروني استحڪام جي تحفظ لاءِ ثابت قدم آهن، فوج اعليٰ معيار، نظم ۽ ضبط ۽ بي لوث قومي خدمت کي هٿي ڏئي رهي آهي.
چيف آف ڊفينس فورسز وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جديد گهرجن سان هم آهنگ ٿيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، جوانن جي جسماني فٽنيس ۽ مورال اسان جي ترجيح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.