جيستائين مغرور رجيم ختم نه ٿيندي، تيستائين انگلش ٽيم نه سڌرندي: جيفري بائيڪاٽ

لنڊن (ويب ڊيسڪ)ايشز سيريز ۾ آسٽريليا هٿان 4-1 تان شڪست تي اڳوڻي انگلش ڪپتان جيفري بائيڪاٽ پنهنجي ٽيم کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
پنهنجي بيان ۾ جيفري بائيڪاٽ چيو ته انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم تيستائين تبديل نه ٿيندي جيستائين مغرور رجيم ختم نه ٿيندي، برينڊن ميڪلم، راب ڪي ۽ بين اسٽوڪس ٽن ورهين کان ڪوڙ وڪڻيو آهي.
هن چيو ته ٽنهي جي رجيم انگلينڊ ڪرڪيٽ جي چاهيندڙن کي مايوس ڪيو آهي، برينڊن ميڪلم ۽ راب ڪي هميشه اهو چوندا رهيا ته هو ايشز جي تياري ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته هاڻوڪي ايشز سيريز ۾ غلطين تي غلطيون ورجايون ويون، هيءَ ٽيم چار ٻُڙي تان هارائڻ جي حقدار هئي، برينڊن ميڪلم جو فلسفو اهو آهي ته پنهنجي انداز ۾ دنيا جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ کيڏو.
انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان چيو ته رانديگرن کي چيو ويندو آهي ته وڃو وڃي پنهنجو پاڻ کي ثابت ڪيو، آئوٽ ٿي وڃو ڪو مسئلو ناهي، ڪو ڪنهن کي ڊراپ ناهي ڪندو، ڪو احتساب ناهي، پنهنجي مرضيءَ جون شيون ڪرڻ جو لائسنز ڏنو ويو آهي.
جيفري بائيڪاٽ چيو ته اسان وٽ باصلاحيت ڪرڪيٽر آهن پر سندن اسڪلز کي تراشيو ناهي ويو، ٽي سياڻا ماڻهو چوندا رهيا ته هو ڄاڻن ٿا ته آسٽريليا ۾ ايشز کٽڻ ڪيترو اهم آهي.
هن چيو ته آسٽريليا ۾ کٽيندڙ سمورا اڳوڻا ڪرڪيٽر چوندا رهيا آهن ته هو غلط ڪري رهيا آهن، هي ٽي سياڻا سمجهن ٿا ته معاملن بابت بهتر ڄاڻ رکن ٿا، هنن ٽنهي ڪڏهن به آسٽريليا ۾ سيريز ناهي کٽي.
هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي ماضي جو حصو قرار ڏئي اسان جي ڪپتان پاڻ کي شرمندو ڪيو ۽ اڳوڻن رانديگرن جي بي عزتي ڪئي آهي، هو ڪڏهن به پنهنجي نوڪري تان هٿ کڻڻ نه چاهيندا ڇو ته کين جهجهو معاوضو ملي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.