اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت جو دهشتگردي بابت جڙتو بيانيو ۽ پاڪستان خلاف اڳرائي حقيقتن کي لڪائي نٿي سگهي، ڀارت خطي جي امن ۾ مسلسل خلل وجهڻ وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.
پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان طاهر اندرابي چيو ته ڀارت ملڪ کان ٻاهر عدالت کان مٿانهان قتل ڪيا، پاڙيسري ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي، ڪلڀوشن جهڙن آپريٽوز ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪئي وئي، ڀارت گهربل ڏوهارين کي محفوظ پناهگاهون ڏنيون، ڀارت ۾ اقليتن کي وڌندڙ هراساني ۽ جبر کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي سهڪار مضبوط ۽ گهڻ پاسائون آهي، سعودي عرب سان ڪنهن مخصوص دفاعي پليٽ فارم يا قرض بابت ڪنهن به حتمي معاهدي جو اطلاع ناهي، ڪنهن به امڪاني دفاعي معاهدي جي تصديق باضابطا تڪميل کانپوءِ ڪئي ويندي، پاڪ سعودي دفاعي سهڪار جاري آهي جيڪو ٻطرفي فريم ورڪ تحت اڳتي وڌي رهيو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته سعودي عرب ۾ وڌيڪ پاڪستاني فوجي موڪلڻ بابت ڪنهن به فيصلي جي ڄاڻ ناهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڪيترائي دفاعي منصوبا غور هيٺ آهن، فوجين جي انگ ۾ واڌ بابت افواهه تي ڪو تبصرو نٿو ڪري سگهجي، دفاعي سهڪار گڏيل معاهدن ۽ طئي ٿيل طريقيڪار تحت جاري رهندو آهي.
ڀارت خطي جي امن ۾ خلل وجهندو رهيو آهي، جڙتو بيانئي سان حقيقيتن کي لڪائي نٿو سگهي: پاڪستان
You might also like