اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)بنگلا ديش ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي بي ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) کي تفصيلي خط لکي ڇڏيو.
ذريعن موجب، بي سي بي آءِ سي سي طرفان اُٿاريل سمورن سوالن جو ثبوتن سوڌو جواب ڏنو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بي سي بي ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ ميڊيا پرسنز، فينز ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي سيڪيورٽي ۽ ويزائن واري معاملو به اُٿاريو آهي.
ذريعن موجب، بي سي بي خط سان گڏ حڪومتي موقف ۽ بيانن کي به ثبوتن طور پيش ڪيو آهي.
بي سي بي پنهنجي خط ۾ بنگلاديشي ٽيم جي سيڪيورٽي بابت خدشن ۽ حڪومتي پاليسي کي ٻيهر ورجايو آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت ۾ انتها پسندن جي ڌمڪين ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي حڪم تي آءِ پي ايل ۾ بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي ٽيم ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز بنگلا ديشي فاسٽ بولر مستفيض الرحمان کي پنهنجي ٽيم مان ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ بي سي بي سيڪيورٽي خدشن جو جواز ڄاڻائي آءِ سي سي کان ڀارت ۾ شيڊيول ڪيل پنهنجون ميچون منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
بنگلاديشي حڪومت جو به ساڳيو ئي موقف آهي ته سيڪيورٽي خدشن سبب بنگلاديش جي ٽيم عالمي ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت نه ويندي.
ياد رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ شيڊيول آهي، گروپ سي ۾ شامل بنگلاديش جون چئن مان ٽي ميچون ڪولڪتا ۽ هڪ ميچ ممبئي ۾ رٿيل آهي.