بنگلاديشي اسٽار مستفيض الرحمان پي ايس ايل ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو

لاهور/ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) آءِ پي ايل مان رليز ڪيل بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان پي ايس ايل ۾ ايڪش ۾ نظر ايندو.
ذريعن موجب، مستفيض الرحمان سميت اٺ بنگلاديشي ڪرڪيٽر پاڪستان سپر ليگ کيڏڻ جا خواهشمند آهن ۽ هنن پنهنجي رجسٽريشن وارو عمل مڪمل ڪرائي ورتو آهي.
پي ايس ايل رجسٽريشن ۾ بنگلاديشي ڪرڪيٽرن جي انگ ۾ واڌ جو امڪان آهي، هينئر تائين رجسٽريشن ڪرائيندڙ رانديگرن ۾ مستفيض الرحمان، شڪيب الحسن شامل آهن.
ان کانسواءِ توحيد رودئي، تسڪين احمد، رشاد حسين به فهرست جو حصو آهن، تنزيد الحسن، محمود الله رياض، حسن محمد طرفان به رجسٽريش ڪرائي وئي آهي.
پي ايس ايل جي پليئر ڊرافٽ يا نيلامي ٻنهي جو آپشن موجود آهي ۽ ان سلسلي ۾ ٽيمن جي مالڪن سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ٽيمن جي چونڊ جنوري جي آخري هفتي ۾ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.