دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيل جا ذخيرا رکندڙ ملڪ ڪهڙا آهن؟ ڄاڻيو

دنيا جا سڀ کان وڌيڪ ثابت ٿيل تيل جا ذخيرا رکندڙ ملڪن جي تازي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب وينزويلا جي 303 ارب بيرل سان پهرين پوزيشن برقرار آهي.
تازي سياسي بحران ۽ صدر نڪولس مادورو جي گرفتاري کانپوءِ وينزويلا جي وڏا تيل ذخيرا هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويا آهن پر ماهرن موجب اهي ذخيرا وڏي حد تائين اڻ استعمال ٿيل آهن.
فهرست ۾ سعودي عرب 267 ارب بيرل سان ٻئي، ايران 208 ارب بيرل سان ٽئين، جڏهن ته ڪينيڊا ۽ عراق ترتيب وار چوٿين ۽ پنجين نمبر تي آهن.
اوپيڪ جا رڪن ملڪ دنيا جي ڪل ثابت ٿيل تيل جي ذخيرن جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو رکن ٿا، جڏهن ته آمريڪا گهٽ ذخيرن باوجود جديد شيل ٽيڪنالاجي جي ڪري تيل جي پيداوار ۾ سڀ کان مٿي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته وينزويلا جي غير يقيني صورتحال عالمي توانائي منڊين تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.