پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ جلسي جي اجازت گهري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي قائداعظم جي مزار تي جلسي جي اجازت گهري ورتي.
پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر راجا اظهر ڊي سي کي قائداعظم جي مزار تي جلسي لاءِ خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته 11 جنوري تي سهيل آفريدي جلسي کي خطاب ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن جي اجازت ڏني وڃي.
خط ذريعي راجا اظهر خاطري ڪرائي ته پي ٽي آءِ جو جلسو پرامن هوندو ۽ ضابطن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويندو.
هن چيو ته جلسي جي حوالي سان ضلعي انتظاميا جي هاڪاري فيصلي جو انتظار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.