پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته مان صوبائي معاملن تي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين ۽ لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ تيار آهيان پر تحريڪ انصاف اني ان حوالي سان مون کي ڪا هدايت ناهي ڏني.
پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهه ٻولهه جو ٽاسڪ محمود خان اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس کي ڏنو آهي، مون کي ان حوالي سان ڪا ذميواري ناهي ڏني وئي.
هن چيو ته صوبي جي مفاد ۾ سڀني ڌرين کي گڏ ويهڻ گهرجي، حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي عوامي مفادن موجب پاليسيون ٺاهڻ گهرجن، جيڪڏهن صوبائي معاملن تي ڳالهين سان مسئلا حل ٿي سگهن ٿا ته مان ان لاءِ تيار آهيان.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي اڻٽر آهي ۽ عمران خان جي آزادي لاءِ ڳالهين جون حالتون ۽ ماحول سازگار هجڻ ضروري آهي.
You might also like