هونڊا سِوڪ جي شوقينن لاءِ خوشخبري، پاڪستان ۾ نئون ماڊل لانچ، شروعاتي خريدارن لاءِ قيمت به گهٽ

هونڊا پاڪستان ۾ پنهنجي مقبول گاڏي سِوڪ جو نئون ماڊل لانچ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته محدود مدي لاءِ نون اگهن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.
اهو اعلان ڪمپني طرفان اپڊيٽڊ سوڪ ماڊلز جي بڪنگ کولڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سامهون آيو آهي.
هونڊا موجب سوڪ جي بيس ماڊل جي قيمت 84 لک 99 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سوڪ اوريل جي قيمت 88 لک 34 هزار رپيا رکي وئي آهي.
ڪمپني موجب ٽاپ ويريئنٽ سوڪ آر ايس واهپيدارن کي هڪ ڪروڙ هڪ لک رپين ۾ ملندي.
هونڊا طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته نئين سوڪ لائن اپ ۾ هلڪو فيس لفٽ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سڀني ويريئنٽس ۾ نوان ۽ جديد فيچر شامل ڪيا ويا آهن.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهي اگهه تعارفي آهن ۽ محدود مدي لاءِ پيش ڪيا پيا وڃن، جيڪي مقرر شرطن ۽ ضابطن تحت لاڳو ٿيندا.
ڪمپني تعارفي اگهن جي مدي جي حوالي سان ڪا واضح تاريخ ناهي ڏني پر واهپيدارن کي جلد بڪنگ ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.