سڊني (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ۽ ڪامينٽيٽر ايڊم گلڪرسٽ پاڪستاني بيٽر بابر اعظم جي سُست بيٽنگ کي ساٿي بيٽرن لاءِ دٻاءُ جو ڪارڻ قرار ڏئي ڇڏيو.
آسٽريليا ۾ جاري بيگ بيش ليگ دوران ڪامينٽري ۾ ايڊم گلڪرسٽ بابر اعظم بابت چيو ته هو پاور هٽنگ لاءِ مشهور نه آهي.
هن چيو ته بابر جي اصل سڃاڻ ٽائمنگ، ڪلاس ۽ ٽيڪنيڪي مهارت آهي، وڏا ڇڪا هڻڻ نه ۽ اهو ئي سبب آهي جو منجهانس اها اميد نٿي رکي سگهجي ته هو هر بال کي بائونڊري پار پهچائيندو.
سندس چوڻ هو ته بابر اعظم کي محدود اوورن واري ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ پرو ايڪٽو ٿيڻو پوندو، هڪ بال تي هڪ رنس ٺاهڻ ۽ سموري ذميواري ٻين بيٽرن تي وجهڻ ٽيم لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
گلڪرسٽ چيو ته بابر کي گهرجي ته هو حالتن پٽاندڙ راند کي اڳتي وڌائي، اسٽرائيڪ روٽيٽ ڪري ۽ موقعو ملڻ تي گيپ ڳولي شاٽس کيڏي دٻاءُ گهٽائي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن بابر پنهنجي فطري بيٽنگ سان گڏ ٿوري جارحيت شامل ڪري ته هو ٽيم لاءِ وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.