ٽيلي نار جو دور ختم، پي ٽي سي ايل انتظام سنڀالي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن لميٽيڊ (پي ٽي سي ايل) باضابطا طور تي ٽيلي نار جو انتظام سنڀالي ورتو.
پي ٽي سي ايل، ٽيلي نار پاڪستان ۽ اوريون ٽاورز جي 100 سيڪڙو شيئرز جي خريداري مڪمل ڪري انهن کي پنهنجي ذيلي ڪمپنين طور شامل ڪري ورتو آهي.
هاڻ پي ٽي سي ايل گروپ ۾ يو فون، يو بينڪ ۽ ٽيلي نار پاڪستان شامل آهن، عبوري مدي ۾ ٽيلي نار پاڪستان هڪ ڌار قانوني اداري طور ڪم جاري رکندو پر ريگوليٽري منظورين کانپوءِ ان کي يو فون سان ضم ڪيو ويندو.
پي ٽي سي ايل جي صدر ۽ سي اي او حاتم بامطرف چيو ته اهو قدم واهپيدارن لاءِ بهتر نيٽ ورڪ ۽ جديد ڊجيٽل خدمتن جي فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
هن ٽيلي نار پاڪستان جي ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل خدمتن جو اعتراف ۽ ٿورا به مڃيا ۽ نئين ساٿين کي ڀليڪار چيو.
ان انضمام سان پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ ترقي جا نوان امڪان کلندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.