دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ پليئرن جي هفتيوار رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.
آءِ سي سي جي هفتيوار رينڪنگ موجب، ٽيسٽ بالرن ۾ ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بُمرا جي حڪمراني برقرار آهي، جڏهن ته آسٽريلوي پيسر مچل اسٽارڪ هڪ درجو ترقي ڪري ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.
پاڪستاني اسپنر نعمان علي ٻه درجا ترقي ڪندي ٽئين پوزيشن تي موجود آهي، انگلينڊ جي گس ايٽڪنسن جو ٽي درجا بهتري بعد ستون نمبر آهي، جڏهن ته سندس هم وطن برائيڊن ڪارس جي ڇهه درجا ترقي بعد 23 هين پوزيشن آهي.
پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي هاڻي 24 هين نمبر تي آهي، جڏهن ته محمد عباس 28 هين ۽ ساجد خان 29 هين پوزيشن تي موجود آهن.
انگلينڊ جو جوش ٽُنگ 13 درجا ترقي کانپوءِ 30 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽيسٽ بيٽرز جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جو جوءِ روٽ سرفهرست آهي، جڏهن ته سندس هم وطن هيري بروڪ 3 درجا ترقي ڪري ٻي پوزيشن تي اچي ويو آهي.
پاڪستان جو سعود شڪيل هڪ درجو بهتري بعد نائين نمبر تي موجود آهي.
You might also like