تورغر (ويب ڊيسڪ) ڪيپٽن صفدر چيو آهي ته نواز شريف جي ڌيءُ پنجاب کي گلدستو بڻائي ڇڏيو آهي، بدمعاشي ۽ غنڊاگردي ختم ڪري ڇڏي، قبضا گروپ ختم ڪري ڇڏيا، اهو سڀ هڪ عورت ڪري رهي آهي.
خيبر پختونخواهه جي علائقي تورغر ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيپٽن صفدر چيو ته تورغر جو بار هاڻ مون تي آهي، جيڪڏهن مان هڪ رپيو به حرام کاڌو هجي ته الله مون کي معاف نه ڪندو.
هن چيو اها توهان جي خوش نصيبي آهي جو مريم نواز خيبر پختونخواهه جي نُنهن آهي، الله پاڪ توهان کي عزت ڏني آهي.
مريم پنجاب کي گلدستو بڻائي ڇڏيو، خيبر پختونخواهه جي نُنهن هجڻ عوام جي خوش نصيبي آهي: ڪيپٽن صفدر
You might also like