اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ 2024 جي ڀيٽ ۾ 2025 ۾ پوليو ڪيس 50 سيڪڙو کان به گهٽ رپورٽ ٿيا.
پوليو خلاف ڪامياب مهم جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا، 2025 ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 30 رهيو، جيڪو 2024 ۾ 74 هو.
نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب سيپٽمبر کانپوءِ ملڪ ۾ پوليو جو ڪو نئون ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو.
رپورٽ موجب بلوچستان ۽ پنجاب ۾ 2025 دوران پوليو جو ڪو نئون ڪيس رپورٽ نه ٿيو، 2025 دوران پوليو خلاف 6 مهمون ڪاميابي سان مڪمل ڪيون ويون.
You might also like