ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي عوام کي ڊبل ڊيڪر بس سروس جي شروعات تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي جو عوام بهتر سفري سهولتن جو حقدار آهي.
پنهنجي بيان ۾ مراد علي شاهه چيو ته نئين بس سروس ڪراچي جي شهرين جي سفر کي آسان بڻائيندي، ڪراچي هاڻ اڳتي وڌي رهيو آهي.
هن چيو ته اڄ بس هلي آهي، سڀاڻي شهر تبديل ٿيندو، ڪراچي لاءِ بهتر سفر رڳو واعدو نه پر حقيقت بڻجي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو شهري سهولتون مضبوط هونديون ته شهر مضبوط ٿيندو، جديد ٽرانسپورٽ شهري وقار ۽ آسان زندگي جي علامت آهي، ڪراچي جي جديد شهرن جي صف ۾ بيهارينداسين.
You might also like