گوگل اينڊرائيڊ لاءِ ڪروم برائوزر ۾ ريڊنگ موڊ جو نئون ۽ ري ڊيزائن ڪيل ورزن متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد واهپيدارن لاءِ مختلف ويب صفحن تي هن فيچر تائين پهچ کي وڌيڪ سولو بڻائڻ آهي.
ڪروم ۾ ريڊنگ موڊ ڪيئي ورهين کان موجود هو، پر واهپيدارن گهڻو ڪري شڪايت ڪندا هئا ته هي فيچر اهم مضمونن تي به ظاهر نه ٿيندو هو.
پهريان اها سهولت ايڊريس بار سان گڏ هڪ وڏي بٽڻ جي صورت ۾ نظر ايندي هئي، جيڪا بعد ۾ گول آئڪن ۾ تبديل ٿي وئي.
هاڻي نئين اپڊيٽ کانپوءِ ’شو ريڊنگ موڊ‘ وارو آپشن ڪروم جي ٿري ڊاٽ مينيو ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو ’لسن ٽو دِس‘ پيج جي هيٺان ڏيکاريو ويندو آهي.
تازي تبديلي سان اهو بٽڻ هر ويب صفحي تي مستقل طور موجود هوندو، ڀلي صفحو ريڊنگ موڊ لاءِ موزون هجي يا نه.
هن اپڊيٽ ۾ ايڊريس بار مان ريڊنگ موڊ وارو شارٽ ڪٽ هٽايو ويو آهي، پر ريڊنگ موڊ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هڪ بٽڻ اڃا به موجود رهندو.
ريڊنگ موڊ فعال ڪرڻ تي واهپيدارن کي نئون ۽ بهتر انٽرفيس ملندو، جيڪو فل اسڪرين نه هوندو پر اومني باڪس کي برقرار رکي ٿو.
گوگل ميٽريل 3 ايڪسپرسيوا ڊيزائن تي ٻڌل بٽڻ شيٽ به شامل ڪئي آهي، جنهن سان واهپيدارن پڙهڻ واري سهولت کي پنهنجي مرضي موجب ترتيب ڏئي سگهن ٿا.
هن آپشن ۾ سينز، سيرف يا مونو فونٽ چونڊڻ، متن جو سائيز 250سيڪڙو تائين وڌائڻ، ۽ لائٽ، سيپيا يا ڊارڪ بئڪ گرائونڊ شامل آهن.
هڪ اهم بهتري اها ڪئي وئي آهي ته هاڻي ريڊنگ موڊ جون سيٽنگون مختلف ويب صفحن تي محفوظ رهنديون، جڏهن ته ريڊنگ موڊ کي دستي طور فعال ڪرڻ جي سهولت به بهتر بڻائي وئي آهي.
هي ري ڊيزائن ڪيل ريڊنگ موڊ في الحال ڪروم 143 تي هلندڙ محدود اينڊرائيڊ ڊيوائسز تي موجود آهي، پر جلد ئي وڌيڪ واهپيدارن لاءِ دستياب ٿيڻ جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ ڪجهه تجربيڪار ريڊر موڊ فليگز پڻ موجود آهن، جن ذريعي واهپيدارن هن فيچر کي باظابطا رليز کان اڳ آزمائي سگهن ٿا.
اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ ڪروم ۾ نئون ريڊنگ موڊ متعارف، استعمال ڪيئن ڪجي؟ ڄاڻيو
You might also like