نئون سال بلاول ۽ آصفه لاءِ ڪيئن رهندو؟ علم نجوم جي ماهر ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي مختلف حصن ۾ نئين سال جي شروعات ٿي وئي آهي ۽ 2026 ۾ بلاول يا آصفه مان ڪنهن جو سياسي ستارو چمڪندو؟
نئون سال نين اميدن سان گڏ شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ مشهور شخصيتن لاءِ نئون سال ڪيئن گذرندو؟ ماڻهو اهو ڄاڻن لاءِ بيچين رهندا آهن.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ علم نجوم جي ماهر سامعه خان ڳالهائيندي ڪيترين ئي سياسي ۽ ٻين شعبن جي مشهور شخصيتن بابت اڳڪٿيون ڪيون.
سامعه خان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بابت چيو ته ان جا ستارا گذريل سال کان سٺا وڃي رهيا آهن، مون کي اميد هئي ته 2025 ۾ کيس وڏي آڇ وزيراعظم جي عهدي جي صورت ۾ ملي سگهي ٿي پر ائين نه ٿي سگهيو.
هن چيو ته مان شروع ڏينهن کان اهو چئي رهيا آهن ته ان گهر مان جيڪڏهن ڪو سياسي ميدان ۾ چمڪندو ته اها آصفه ڀٽو زرداري آهي، آصفه پنهنجي ماءُ بينظير ڀٽو جي سياسي وارثت کي اڳتي کڻي هلندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.