پاڪستان جي آسڪر لاءِ آفيشل انٽري، فلم” هُندن“ اڪيڊمي ايوارڊز تائين ڇو نه پهتي؟ ڪارڻ سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال 98 هين اڪيڊمي ايوارڊز لاءِ بروشسڪي ٻوليءَ ۾ ٺهندڙ پهرين پاڪستاني فلم ”هندن“ کي پاڪستان جي آسڪر سليڪشن ڪميٽي باظابطا طور چونڊيو، پر فلم آسڪرز ۾ پاڪستان جي نمائندگي نه ڪري سگهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي فلم جي هدايتڪار ڪرامت علي ٻڌايو ته کيس سليڪشن ڪميٽي طرفان فلم ”هندن“ کي پاڪستان جي آفيشل انٽري قرار ڏيڻ جو اطلاع اي ميل ذريعي مليو هو.
هن چيو ته اسان آسڪرز جي آفيشل ويب سائيٽ تي موجود آن لائن فارم ذريعي سڀئي گهربل دستاويز جمع ڪرايا، پر پوءِ اڪيڊميءَ طرفان اي ميل ملي ته دستاويز مڪمل نه آهن، جنهن تي اسان ٻيهر سمورا ڪاغذ جمع ڪرايا.
سندس چوڻ هو ته دستاويز جمع ڪرائڻ کانپوءِ تصديقي اي ميل بدران کين آگاهه ڪيو ويو ته مقرر وقت تائين دستاويز مڪمل نه هئڻ سبب فلم ”هندن“ کي پاڪستان جي آفيشل انٽري طور قبول نه ٿو ڪري سگهجي.
ڪرامت علي اهو به چيو ته هڪ ٻي اي ميل ۾ کيس ٻڌايو ويو ته فلم ”فلسطين 36“ جا ڪاغذ اڻپورا آهن ۽ اهي جمع ڪرايا وڃن، جڏهن ته پاڪستان طرفان چونڊيل فلم ”هندن“ هئي.
هدايتڪار موجب، اي ميل جي جواب ۾ پاڪستاني آسڪر سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين محمد علي نقوي (مونقوي) طرفان اڪيڊمي ٽيم کي آگاهه ڪيو ويو ته اي ميل غلطي سان موڪلي وئي آهي، ڇو ته پاڪستان طرفان فلم ”فلسطين 36“ نه، پر ”هندن“ چونڊي وئي هئي.
هن چيو ته مونقوي ان معاملي تي اڪيڊمي ٽيم سان مسلسل رابطي ۾ رهيو ۽ هر ممڪن سهڪار جي خاطري به ڪرائي، بعد ۾ اڪيڊمي ٽيم پنهنجي غلطي به مڃي، پر ان باوجود ”هندن“ جي نامزدگي وارو معاملو حل نه ٿي سگهيو.
ياد رهي ته اڪيڊمي ايوارڊز جي ضابطن موجب، ڪنهن به فلم جي نامزدگي لاءِ لازم آهي ته اها پنهنجي ملڪ جي ڪمرشل سينيما گهرن ۾ پهرين آڪٽوبر 2024 کان 30 سيپٽمبر 2025 دوران گهٽ ۾ گهٽ ست ڏينهن نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي هجي.
ان کانسواءِ فلم جو گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سيڪڙو مکالمو غير انگريزي ٻوليءَ ۾ هجڻ لازمي شرط آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.