ڪراچي جي مختلف علائقن جا 5 ڄڻن جا لاش هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن مان 5 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن.
ريسڪيو اختيارين موجب جناح اسپتال ڀرسان پارڪ مان هڪ شخص جو لاش مليو، اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍا 11 مان به هڪ شخص جو لاش هٿ آيو.
اختيارين ٻڌايو ته نمائش چورنگي ڀرسان به هڪ شخص مئل حالت ۾ هٿ آيو، شاهراهه فيصل تي بلوچ ڪالوني پل ڀرسان هڪ شخص جو لاش مليو ۽ لانڍي ڀرسان به هڪ ڄڻي جو لاش هٿ آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.