افغانستان آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
فيبروري ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا جي ميزباني هيٺ شيڊيول ميگا ايونٽ ۾ ليگ اسپنر راشد خان افغان ٽيم جي قيادت ڪندو.
بنگلاديش خلاف سيريز مان ٻاهر ٿيندڙ فضل حق فاروقي ۽ گلبدين نائب ٽيم ۾ واپسي ڪئي آهي.
ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل افغان اسڪواڊ ۾ راشد خان (ڪپتان)، ابراهيم زدران (نائب ڪپتان)، رحمان الله گُرباز (وڪيٽ ڪيپر)، محمد اسحاق، صديق الله اتل، درويش رسولي، شاهد الله ڪمال شامل آهن.
ان کانسواءِ عظمت الله عمرزئي، گلبدين نائب، محمد نبي، نور احمد، مجيب الرحمان، نوين الحق، فضل حق فاروقي ۽ عبدالله احمد زئي به اسڪواڊ جو حصو آهن.
اي ايم غضنفر، اعجاز احمد زئي ۽ ضياءُ الرحمان شريفي کي ريزرو پليئر طور رکيو ويو آهي.
اَي سي بي موجب، ساڳي اسڪواڊ گڏيل عرب امارتن ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز به کيڏيندي، جيڪا ورلڊ ڪپ تيارين جو حصو آهي.
واضح رهي ته افغانستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 19 کان 22 جنوري تائين کيڏي ويندي، جنهن کان پوءِ ست فيبروري کان ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جا مقابلا شروع ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.