اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻه سال اڳ جيڪا معيشت ورثي ۾ ملي، اها سخت چيلينجن جو شڪار هئي، معاشي طور اسان ڦاٿل هئاسين پر هاڻ ڏکين فيصلن سان نتيجا پاڻ ڳالهائي رهيا آهن.
اقتصادي گورننس سڌارن جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ڪيترائي چيلينج هئا، معاشي سڌارا آڻڻ آسان ڪم نه هو پر حڪومت جي ڏکين فيصلن سان نتيجا پاڻ ڳالهائي رهيا آهن.
هن چيو ته ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 9 اربن مان وڌي 12 ارب ڊالرن کان مٿي ٿي ويا آهن، 2025 ۾ ٽيڪس وصولين ۾ 26 سيڪڙو واڌ ٿي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 8 سيڪڙو مان وڌي 10 سيڪڙو ٿي وئي.
سندس چوڻ هو ته ٻن سالن ۾ حڪومت بهترين معاشي ترقي ڪئي، 10 لک نوان ٽيڪس ڏيندڙ سسٽم ۾ داخل ٿيا، پي آءِ اي ۽ فرسٽ وومين بينڪ جي ڪامياب نجڪاري ٿي، چيلينجن باوجود اسان ملڪ کي سڌي دڳ تي آندو، معاشي بهتري لاءِ سڌارا آڻٽر آهن، ملڪي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين.
You might also like