جنگي جنون ۾ ورتل ڀارت جو پاڪستاني سرحد ڀرسان وڏي پيماني تي فضائي مشقن جو اعلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارت پاڪستاني سرحد ڀرسان گجرات ۾ فضائي مشقن جو اعلان ڪيو آهي.
ڀارتي ايئر فورس پاڪستاني سرحد ڀرسان گجرات جي علائقي ڪڇ ۾ وڏي پيماني تي فضائي مشقن جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ 20 جنوري کان 21 جنوري تائين فضائي حدن کي عالمي اڏامن لاءِ بند ڪري انڊين ايئر فورس جي مشق لاءِ ريزرو ڪرڻ جو نوٽيس ٽو ايئر مين (نوٽم) جاري ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب انهن مشقن ۾ رافيل، سخوئي 30 ايم ڪي آءِ، جيگوار ۽ ٻيا فرنٽ لائن ويڙهاڪ جهاز حصو وٺندا، مشقن ۾ تيز رفتار اڏامون، هوائي ويڙهه جي مشق ۽ امڪاني طور تي لائيو فائرنگ يا بمباري جي تربيت به شامل هوندي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته محدود فضائي زون پاڪستان سان ڀارت جي ڏکڻ سرحد جي حساس علائقي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ عربي سمنڊ، سر ڪريڪ، راجڪوٽ ۽ احمد آباد جا ويجها علائقا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.