ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سال 2025 جي آخري ڏينهن سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 2500 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 56 هزار 962 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 2143 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 91 هزار 771 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 25 ڊالر گهٽجڻ سان 4346 ڊالر في اونس آهي.
واضح رهي ته سال 2025 ۾ سون جي قيمت مجموعي طور تي هڪ لک 84 هزار 362 رپيا وڌي، جڏهن ته 10 گرام سون هڪ لک 58 هزار 60 رپيا مهانگو ٿيو.
اهڙي ريت عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 1732 ڊالر في اونس وڌي.
You might also like