آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ سال 2026 جي شروعات ٿي وئي آهي.
آڪلينڊ جي اسڪاءِ ٽاور تي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو، جنهن سبب آڪلينڊ جو آسمان خوبصورت روشنين سان جڳمڳائڻ لڳو.
اسڪاءِ ٽاور تي نئين سال جو جشن ملهاڻ لاءِ شهرين جو وڏو انگ موجود هو.
ٿوري دير کان پوءِ سڊني ۾ نئين سال جي آجيان ڪئي ويندي، جڏهن ته دبئي جي بُرج خليفه تي به آتشبازي جو مظاهرو ٿيندو.
نيويارڪ، لنڊن ۽ پئرس ۾ به جشن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
بيجنگ ۾ نئين سال جي جشن تي روايتي اوپيرا پيش ڪئي وئي.
ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چيني صدر شي جن پنگ چيو ته 2026 ۾ وڌيڪ فعال ميڪرو پاليسين کي اڳتي وڌايو ويندو.
نيوزيلينڊ کان سال 2026 شروع، آڪلينڊ ۾ جشن، آسمان رنگارنگ روشنين سان جڳمڳائڻ لڳو
You might also like