ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان جي ڌي، اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته سندس والدين جي عليحدگي کانپوءِ سندس ماءُ امرتا سنگهه اڪيلي سر پنهنجي ٻارن جي پرورش ڪئي.
ويجهڙ ۾ اداڪارا سارا علي خان پنهنجي پُڦي ۽ اداڪارا سوها علي خان جي پوسٽ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ذاتي زندگيءَ بابت اهم ۽ دلچسپ ڳالهيون شيئر ڪيون.
اداڪارا چيو ته والدين جي عليحدگي کانپوءِ ڪيئن هڪ مضبوط ”اڪيلي ماءُ“ هن جي پرورش ڪئي، جنهن جي تجربي سندس سوچ، عورت هئڻ واري احساس ۽ خود اعتمادي کي غير معمولي بڻايو.
هن وضاحت ڪئي ته سندس زندگي ۾ عورت جو طاقتور تصور پنهنجي ماءُ امرتا سنگهه ذريعي آيو، جيڪا هڪ مضبوط عورت آهي، هوءِ پنهنجي حقن لاءِ آواز اُٿارڻ کان نٿي ڪيٻائي ۽ پنهنجي حق لاءِ اُٿي بيهي ٿي.
اداڪارا موجب، سندس ماءُ هڪ اهڙي عورت آهي جنهن وٽ يقين نه ڪرڻ جوڳيون صلاحيتون آهن ۽ جنهن اڪيلي سر پنهنجي ٻارن کي پاليو ۽ تربيت ڏني.
سارا علي خان چيو ته سڀني کي سوال ڪرڻ ۽ پنهنجي راءِ جي اظهار جو موقعو ناهي ملندو، تنهنڪري انهن ماڻهن کي ساراهڻ گهرجي جيڪي ڏکين حالتن باوجود پنهنجو آواز ۽ شخصيت قائم رکندا آهن ۽ پنهنجي ڀرپاسي موجود ماڻهن کي جذباتي طور مضبوط بڻائيندا آهن.
واضح رهي ته سيف علي خان ۽ اڳوڻي اداڪارا امرتا سنگهه 2004ع ۾ عليحدگي اختيار ڪئي، ان وقت سندن ڌي سارا علي خان جي عمر 9 سال ۽ پٽ ابراهيم علي خان جي عمر 3 سال هئي.
سيف کان طلاق ۽ اڪيلي ماءُ، امرتا سنگهه پنهنجي ٻارن کي ڪيئن پاليو؟ سارا علي خان ٻڌائي ڇڏيو
You might also like