هانيا عامر جي عاصم اظهر سان شادي؟ اداڪارا جو بيان به اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپر اسٽار هانيا عامر ۽ پاڪستاني ميوزڪ انڊسٽري سان واڳيل مشهور گلوڪار ۽ اداڪار عاصم اظهر جي شادي بابت افواهه زور پڪڙي رهيا آهن.
مختلف سوشل ميڊيا پليٽفارمز تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ايندڙ سال ٻه مشهور اداڪارائون زندگيءَ جي نئين اننگز شروع ڪرڻ واريون آهن.
وائرل خبرن کانپوءِ مداحن طرفان اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي ته انهن اداڪارائن مان هڪ هانيا عامر آهي ۽ هو ايندڙ سال عاصم اظهر سان شادي ڪندي.
جوڙي جي شادي بابت اڳڪٿين جو سلسلو گذريل سال جي شروعات کان جاري آهي، جڏهن عاصم اظهر ۽ ميرب جو مڱڻو ٽٽو هو. هانيا ۽ عاصم جي وچ ۾ وڌندڙ ويجهڙائي سبب به شادي جون خبرون زور وٺي رهيون آهن.
تازو ڪرسمس جي موقعي تي هانيا عامر هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هڪ واهپيدار ڪمينٽ ڪندي پڇيو ته ”هانيا عامر، ٻڌو آهي ته توهان شادي پيا ڪيو؟“
واهپيدار جي سوال تي اداڪارا دلچسپ جواب ڏيندي چيو ته ”مان به ائين ٻڌو آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.