بي پي ايل: ڍاڪا ڪيپيٽلز جو ڪوچ دل جي دوري وگهي فوت

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش پريميئر ليگ ( بي پي ايل) جي ٽيم ڍاڪا ڪيپيٽلز جو ڪوچ محبوب علي ٽريننگ دوران دل جي دوري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، محبوب علي ميچ کان اڳ گرائونڊ ۾ رانديگرن کي ٽريننگ ڪرائي رهيو هو، جنهن دوران کيس دل جو دورو پيو، جيڪو موتمار ثابت ٿيو
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته محبوب علي کي گرائونڊ تي سي پي آر ڏني وئي، پر هو بچي نه سگهيو.
رپورٽن موجب، ڍاڪا ڪيپيٽلز جي اسسٽنٽ ڪوچ کي ايمبولينس ذريعي اسپتال نيو ويو، جتي کيس مئل قرار ڏنو ويو.
بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ اڄ سلهٽ ۾ ڍاڪا ڪيپيٽلز ۽ راج شاهي وارئيرز وچ ۾ ميچ کيڏي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.