ميلبورن (ويب ڊيسڪ) انگلش آسٽريلوي سرزمين تي 15 سالن جي ڊگهي انتظار کان پوءِ ٽيسٽ ميچ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ( ايم سي جي) ۾ کيڏيل ايشز سيريز جي چوٿين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن انگلينڊ ميزبان ٽيم کي 4 وڪٽن سان شڪست ڏئي سيريز جو خسارو 1-3 ڪري ڇڏيو.
باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن آسٽريلوي ٽيم ٻي اننگز ۾ 132 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، اوپنر ٽريوس هيڊ 46 ۽ ڪپتان اسٽيو سمٿ 24 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
انگلينڊ جي برائيڊن ڪارز 4، بين اسٽوڪس 3 ۽ جوش ٽنگ 2 وڪٽون ورتيون.
انگلينڊ آسٽريلوي ٽيم طرفان مليل 175 رنسن جو هدف 6 وڪٽن جي نقصان تي 33 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، جيڪب بيٿل 40 سان ٽاپ اسڪورر رهيو، زيڪ ڪرالي 37 ۽ بين ڊڪٽ 34 رنس ٺاهي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
آسٽريليا طرفان جهي رچرڊسن، اسڪاٽ بولينڊ ۽ مچل اسٽارڪ 2، 2 وڪٽون ورتيون.
ميچ جي پهرين اننگز ۾ پنج ۽ ٻي اننگز ٻه شڪار ڪندڙ انگلش فاسٽ بالر جوش ٽنگ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو
انگلش ٽيم 15 ورهين ۽ 19 ٽيسٽ ميچن کان پوءِ آسٽريلوي سرزمين تي ٽيسٽ ميچ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي، جڏهن ته پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ميزبان ٽيم کي 1-3 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي.
ياد رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پرٿ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ به ٻئي ڏينهن ئي ختم ٿي وئي هئي، جنهن سبب ڪرڪيٽ آسٽريليا کي وڏو مالي نقصان ٿيو هو.
You might also like