اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان برطانوي حڪومت کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي اهڙيون وڊيوز گردش ڪري رهيون آهن، جن ۾ آرمي چيف کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، برطانيا اهڙن سمورن اڪائونٽن خلاف ڪارروائي ڪري جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگردي، تشدد ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
پاڪستاني حڪومت ناڪاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي لاءِ برطانوي هوم آفيس کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان اهڙيون وڊيوز گردش ڪري رهيون آهن، جنهن ۾ آرمي چيف کي قتل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.
خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته اهو مواد نه بيان بازي ۽ نه ئي سياسي، هي واضح طور تي گڏيل قومن جي ميمبر ملڪ جي اعليٰ فوجي شخصيت جي قتل لاءِ اُڪسايو پيو وڃي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل پليٽ فارمن تان مسلسل ڏڦيڙ ۽ تشدد جون ڪالز ڏنيون پيون وڃن، خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته برطانيا قتل ۽ تشدد جون ڪالون ڏيندڙ ماڻهن جي نشاندهي ۽ جاچ ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري.
حڪومت طرفان لکيل خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ ان سان لاڳاپيل پليٽ فارمز جي پاڪستان ۾ تشدد، نفرت ۽ وڏي پيماني تي بدامني ڦهلائڻ بابت جاچ ڪئي وڃي،پاڪستان ۾ تشدد تي ورغلائڻ ۽ بدامني پکيڙڻ سبب پي ٽي آءِ خلاف فيصلائتي قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن ۾ ان تي پابندي به شامل هجي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته برطانيا اهو يقيني بڻائي ته ان سرزمين پاڪستان خلاف تشدد، بدامني ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال نه ٿئي، هي معاملو برطانيا جي دهشتگردي خلاف قانونن، بين الاقوامي قانون ۽ ذميواراڻي رياستي طرز عمل لاءِ عزم جو امتحان پڻ آهي.
حڪومت خط ۾ خبردار ڪيو آهي ته برطانيا جي خاموشي کي غير جانبداري نه سمجهيو ويندو ۽ ان سان گڏيل اعتماد ۽ سهڪار تي سنگين اثر پوندا.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان برطانيا سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ اميد رکي ٿو ته هن معاملي کي ترت قانوني طريقي سان حل ڪيو ويندو.