پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان آرمي چيف جي قتل واري مطالبي جون وڊيوز وائرل، پاڪستان، برطانيا کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان برطانوي حڪومت کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي اهڙيون وڊيوز گردش ڪري رهيون آهن، جن ۾ آرمي چيف کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، برطانيا اهڙن سمورن اڪائونٽن خلاف ڪارروائي ڪري جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگردي، تشدد ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
پاڪستاني حڪومت ناڪاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي لاءِ برطانوي هوم آفيس کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان اهڙيون وڊيوز گردش ڪري رهيون آهن، جنهن ۾ آرمي چيف کي قتل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.
خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته اهو مواد نه بيان بازي ۽ نه ئي سياسي، هي واضح طور تي گڏيل قومن جي ميمبر ملڪ جي اعليٰ فوجي شخصيت جي قتل لاءِ اُڪسايو پيو وڃي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل پليٽ فارمن تان مسلسل ڏڦيڙ ۽ تشدد جون ڪالز ڏنيون پيون وڃن، خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته برطانيا قتل ۽ تشدد جون ڪالون ڏيندڙ ماڻهن جي نشاندهي ۽ جاچ ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري.
حڪومت طرفان لکيل خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ ان سان لاڳاپيل پليٽ فارمز جي پاڪستان ۾ تشدد، نفرت ۽ وڏي پيماني تي بدامني ڦهلائڻ بابت جاچ ڪئي وڃي،پاڪستان ۾ تشدد تي ورغلائڻ ۽ بدامني پکيڙڻ سبب پي ٽي آءِ خلاف فيصلائتي قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن ۾ ان تي پابندي به شامل هجي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته برطانيا اهو يقيني بڻائي ته ان سرزمين پاڪستان خلاف تشدد، بدامني ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال نه ٿئي، هي معاملو برطانيا جي دهشتگردي خلاف قانونن، بين الاقوامي قانون ۽ ذميواراڻي رياستي طرز عمل لاءِ عزم جو امتحان پڻ آهي.
حڪومت خط ۾ خبردار ڪيو آهي ته برطانيا جي خاموشي کي غير جانبداري نه سمجهيو ويندو ۽ ان سان گڏيل اعتماد ۽ سهڪار تي سنگين اثر پوندا.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان برطانيا سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ اميد رکي ٿو ته هن معاملي کي ترت قانوني طريقي سان حل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.