تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ طالبان حڪومت جي مخالف افغانستان جي اڳوڻي پوليس چيف اڪرام الدين سري کي قتل ڪيو ويو .
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اڪرام الدين سري تي تهران جي ولي عصر اسٽريٽ تي پنهنجي آفيس مان نڪرڻ وقت فائرنگ ڪئي وئي. کيس فوري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جي جا نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته اڪرام الدين سري افغانستان جي اڳوڻي حڪومت دوران سيڪيورٽي ڪمانڊر هو ۽ تخار ۽ بغلان صوبي جو پوليس سربراهه پڻ رهيو.
اڪرام الدين سري طالبان جا سخت مخالف سمجهيو ويندو هو ۽ حڪومت جي خاتمي کانپوءِ هو طالبان خلاف آواز بلند ڪندو رهيو، افغان طالبان حڪومت کانپوءِ اڪرام الدين ايران ۾ پناهه ورتي هئي.
ايراني اختيارين اڪرام الدين تي حملي کي ٽارگيٽڊ قرار ڏئي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ سيپٽمبر ۾ مشهد ۾ طالبان مخالف اڳواڻ اسماعيل خان جي ويجهي ساٿي مروف غلامي کي پڻ آفيس ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.
Next Post
You might also like