نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج سوشل ميڊيا جي استعمال بابت نئين پاليسي جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت فوجي اهلڪار هاڻي انسٽاگرام، فيس بُڪ، ايڪس (ٽوئٽر)، يوٽيوب، لنڪڊ اِن جهڙين ايپليڪيشنز کي رڳو ڏسڻ ۽ نگراني لاءِ استعمال ڪري سگھن ٿا، پر مٿن تي مواد پوسٽ ڪرڻ، تبصرو ڪرڻ، لائيڪ ڪرڻ يا شيئر ڪرڻ تي پابندي هوندي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، دفاعي اختيارين طرفان واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جنهن تحت واٽس ايپ، ٽيلي گرام، سگنل ۽ اسڪائيپ جهڙين پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشنز تي فوجي اهلڪار کي رڳو غير خفيه يا عام تفصيل پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن رابطن سان شيئر ڪرڻ جي اجازت هوندي.
نئين پاليسي موجب، واهپيدار جي ذميواري هوندي ته هو درست ۽ تصديق ٿيل اڪائونٽ جي نشاندهي ڪري.
انسٽاگرام تائين فوجي اهلڪار رڳو مشاهدو ۽ نگراني لاءِ رسائي حاصل ڪري سگھندا، پر کين ڪنهن به قسم جو تبصرو يا خيال ظاهر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هيءَ پاليسي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ملٽري انٽيليجنس (ڊي جي ايم آءِ) طرفان جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد سائبر خطرن، غلط ۽ حساس ڄاڻ جو ڦهلاءُ روڪڻ آهي.
اختيارين موجب، نئين پاليسي جو مقصد فوجي اهلڪار کي محدود ڊجيٽل پهچ ڏيڻ آهي، پر ان سان گڏوگڏ سخت حفاظتي قدمن کي به يقيني بڻائڻو آهي.
رپورٽ موجب، ايڪس، ڪورا، يوٽيوب جهڙيون سوشل ميڊيا ايپس رڳو ڄاڻ تائين رسائي لاءِ استعمال ڪري سگھجن ٿيون، جتي فوجي اهلڪارن کي فعال رهڻ جي اجازت نه هوندي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي واهپيدار جو مواد يا پيغام اپلوڊ يا ري پوسٽ ڪري سگھبو.
ان کانسواءِ، فوجي اهلڪار لنڪڊ اِن کي پنهنجي سي وي اپلوڊ ڪرڻ ۽ امڪاني نوڪرين بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگھندا.
Next Post
You might also like