لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پاڪستان فاسٽ بالر ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارت طرفان فاسٽ بالرن جي رهنمائي لاءِ پاڪستان سان رابطو ڪيو ويو آهي.
عاقب جاويد اهڙن خيالن جو اظهار پي سي بي جي آفيشل پوڊ ڪاسٽ ۾ ڪيو، جتي هن پاڪستان ڪرڪيٽ، هاءِ پرفارمنس اسٽرڪچر ۽ ڊگهي مدي واري رٿابندي تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
عاقب جاويد موجب، ڀارت طرفان اهو رابطو پي سي بي جي اوورسيز پليئرز پروگرام ذريعي ڪيو ويو.
عاقب جاويد پي سي بي جي اوورسيز پاٿ وي پروگرام تي به روشني وڌي، جنهن تحت سڄي دنيا جي ڪرڪيٽرز کي ڪوچنگ ۽ سکيا جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن.
هن چيو ته پرڏيهي رانديگر هاڻي پاڪستان اچي تربيت حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ اسان هينئر تائين نيڌرلينڊز ۽ انگلينڊ جي رانديگرن جي ميزباني ڪري چڪا آهيون.
عاقب جاويد جو چوڻ هو ته پروگرام مستقبل ۾ عالمي سطح تائين ڦهلايو ويندو ۽ هاڻي ڀارت مان به فونون اچي رهيون آهن ۽ درخواست ڪئي وئي آهي ته سندن فاسٽ بالرز کي رهنمائي فراهم ڪئي وڃي.
ميدان تي هٿ ملائڻ کان انڪاري ڀارت پنهنجي فاسٽ بالر جي تربيت لاءِ پاڪستان کي منٿون ڪرڻ لڳو!
You might also like