لاهور (ويب ڊيسڪ) عدالت طرفان پنجاب پراپرٽي آنرشپ آرڊيننس معطلي تي مريم نواز سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ان فيصلي سان قبضا مافيا کي فائدو ٿيندو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي مريم نواز چيو ته حڪومت ورهين ۽ نسلن تائين هلندڙ زمي ۽ ملڪيت جي ڪيسن کي پهريون ڀيرو 90 ڏينهن ۾ طئي ڪرڻ جي حد مقرر ڪئي.
هن چيو ته اسان ورهين ۽ ڏهاڪن کان ستايل لکين پنجاب واسين جي مدد جو قانون ٺاهيو، عوام جي چونڊيل صوبائي اسيمبلي اهو قانون ان ڪري ٺاهيو ته جيئن عوام کي طاقتور لينڊ مافيا جي چنبي مان آزادي ملي، ان قانون سان پهريون ڀيرو عوام کي پنهنجي قانوني زمين ۽ ملڪيت جي تحفظ جي طاقت ملي.
سندس چوڻ هو ته عدالتي فيصلو اعليٰ عدليا جي طئي ڪيل اصولن موجب ناهي، قانون جي معطلي سان قبضي مافيا کي فائدو ملندو ۽ عوام ان کي قبضا مافيا جي ڀٺڀرائي سمجهندو، زمينن جي ڪيسن ۾ ڏهاڪن تائين اسٽي آرڊر هلندا آهن، ان قانون جي معطلي سان اسان جي ذات کي ڪو نقصان ناهي ٿيو.
You might also like