پاڪستان جي افغانستان ۾ ڪارروائي کي ڀارت جي بهاولپور ۾ حملن سان ڀيٽڻ درست ناهي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغانستان ۾ پاڪستاني سرحد تي ڪالعدم ٽي ٽي پي جي خارجي دهشتگرد ڪيمپن تي پاڪستاني ڪارروائي جي ڀيٽ ڀارت جي بهاولپور ۽ مريدڪي ۾ مسجدن ۽ مدرسن تي غير قانوني حملن سان ڪرڻ سراسر غلط آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته عالمي دنيا ۽ گڏيل قومون به افغان طالبان جي ڇاپي هيٺ دهشتگردي کان ڊنل آهن ۽ پاڪستان ۾ آئي ڏينهن افغانستان مان ايندڙ دهشتگرد ان جو واضح ثبوت آهن.
هن چيو ته پهلگام تي ڀارت اڄ تائين ثبوت نه ڏئي سگهيو، جڏهن ته پاڪستان اڻ ڌري جاچ جي آڇ ڪئي هئي، گڏيل قومن طرفان جاري رپورٽ به ڪليئر ڪري ٿي ته ڀارتي جارحيت غير قانوني ۽ بي ثبوت هئي ۽ پاڪستان جو جواب مڪمل جائز هو، باقي ڀارت ۽ ان جي پراڪسي خارجين ۽ همدردن جو ڪنهن به قسم جو شڪ اسان ڪالهه به ختم ڪيو هو ۽ اڄ به.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.