عارف حبيب ڪنسورشيم 13 ارب رپين ۾ پي آءِ اي کي خريدي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عارف حبيب ڪنسورشيم قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي 135 ارب رپين ۾ خريدي ورتو.
عارف حبيب ڪنسورشيم قومي ايئر لائن جي نجڪاري لاءِ ٻولي جي ٽئين مرحلي ۾ 135 ارب رپين جي ٻولي لڳائي ۽ پي آءِ اي جا 75 سيڪڙو شيئرز خريدڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
نجڪاري ڪميشن بابت صلاحڪار محمد علي چيو ته قومي ايئر لائن جي نجڪاري سڌارن جي ايجنڊا جو حصو آهي، حڪومت جو مقصد قومي ايئر لائن کي کپائڻ نه پر پيرن تي بيهارڻ آهي، قومي ايئر لائن جي نجڪاري سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي.
هن چيو حڪومت چاهي ٿي ته قومي ايئر لائن ماضي جيان بهتر ٿئي، 75 سيڪڙو شيئرز جي اڄ ٻولي ٿي، حاصل رقم جو 92.5 سيڪڙو حصو قومي ايئر لائن جي بهتري تي خرچ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.