ڪراچي ۾ عملي منصوبن تي يقين رکون ٿا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسان شهر جي بهتري لاءِ عملي منصوبن تي يقين رکون ٿا.
صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي جي سرد خانن کي بحال ڪري رهيا آهيون، شهر ۾ اربين رپين جا ترقياتي ڪم ڪنداسين.
هن چيو ته وچ ضلعي ۾ به مختلف منصوبن جو افتتاح ڪيو آهي، ان علائقي جا اسيمبلي ميمبر ڪنهن ٻي جماعت جا آهن پر شهري اسان جا آهن، ماضي ۾ ان علائقي ۾ جيڪي ڪم نه ٿي سگهيا، اهي هاڻ ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.