آسٽريليا لڳاتار ٽين ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي ايشز سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ايشز سيريز جي ٽين ميچ ۾ به انگلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ٽين ميچ ۾ آسٽريليا انگلينڊ کي 82 رنسن تان شڪست ڏني، ڪينگروز طرفان مليل 435 رنسن جي هدف جي جواب ۾ انگلش ٽيم 352 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
واضح رهي ته آسٽريلوي ٽيم پهرين اننگز ۾ 371 ۽ ٻي اننگز ۾ 349 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 286 رنسون ٺاهيون هيون.
آسٽريليا 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي سرسي ماڻي ورتي، سيريز جي چوٿين ٽيسٽ 26 ڊسمبر کان ميلبورن ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.