ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سخت ڪوهيڙي سبب جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ايندڙ 5 عالمي اڏامون ٻين ايئرپورٽن تي منتقل ڪيون ويون.
شهر ۾ اڄ صبح سان سخت ڪوهيڙو هو، جنهن سبب ايئرپورٽ تي ايندڙ اڏامون به متاثر ٿيون ۽ 5 عالمي اڏامن جو رُخ ٻين ايئرپورٽن ڏانهن موڙيو ويو.
پيگاسس، اتحاد ايئرلائنز، فلاءِ اڊيل ۽ گلف ايئر جون اڏامون ڪراچي بدران مسقط منتقل ڪيون ويون، جڏهن ته فلاءِ جناح جي اڏام جدي کان ڪراچي بدران اسلام آباد منتقل ڪئي وئي.
You might also like