جميڪا (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال 15 جولاءِ کان 7 آگسٽ تائين ويسٽ انڊيز جو دورو ڪندي.
ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ جي نائب صدر عظيم بسارٿ دوري جي تصديق ڪندي چيو ته دوري دوران پاڪستان ٽيم ايف ٽي پي ۾ شامل ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي.
عظيم بسارٿ موجب، ٻئي ٽيسٽ ميچون آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهن.
هن چيو ته پهرين ٽيسٽ ٽرائينڊاڊ ۽ اينڊ ٽوبيگو جي ڪوئنز پارڪ اوول تي ۽ ٻي ٽيسٽ برائن لارا ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ کيڏي ويندي.
ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان اڳ ٽرائينڊاڊ جي برائن لارا اڪيڊمي ۾ چئن ڏينهن جي وارم اپ ميچ پڻ ٿيندي.
You might also like