سوڊان ۾ ڊرون حملو، يو اين امن مشن جا 6 رڪن مارجي ويا

خرطوم (ويب ڊيسڪ) سوڊان ۾ ڊرون حملي ۾ بنگلاديش سان واسطو رکندڙ يو اين امن مشن جا 6 رڪن مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪادو قلي شهر ۾ امن فوج جي لاجسٽڪس بيس کي نشانو بڻايو ويو، حملي ۾ 8 امن فوجي زخمي به ٿيا، سمورا متاثر بنگلاديشي شهري آهن.
يو اين سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس حملي جي مذمت ڪندي چيو ته بنا جواز حملا سنگين ڏوهن جي زمري ۾ اچي سگهن ٿا.
هوڏانهن سوڊاني فوج ان حملي جو الزام نيم فوجي گروپ ريپڊ سپورٽ فورسز تي هنيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.