نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور آمريڪي گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ جي قدم مداحن سميت سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي ٽور ٽڪيٽن مان ٻه ارب ڊالر ڪمائيندڙ گلوڪارا پنهنجي عملي کي 19 ڪروڙ 70 لک ڊالرن جو بونس ڏئي ڇڏيو.
36 ورهين جي ٽيلر سوئفٽ 21 ملڪن ۾ 149 ڪنسرٽ ڪيا هئا، 197 ملين ڊالر بونس جي اعلان تي عملي جي اکين ۾ خوشي جا ڳوڙها اچي ويا.
ٽيلر سوئفٽ پنهنجي عملي کي بونس ڏيڻ سان گڏ خط لکي سندن ٿورا پڻ مڃيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٽيلر سوئفٽ ٽرڪ ڊرائيورن کي به هڪ لک ڊالر ڏنا.
You might also like