هن ڀيري ڊي چوڪ تان آزادي وٺي يا ڪفن ۾ واپس اينداسين: سهيل آفريدي

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته هن ڀيري ڊي چوڪ وينداسين ته آزادي وٺي يا ڪفن ۾ واپس اينداسين.
ڪوهاٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته پي ٽي آءِ باني کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان کي جج سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي، جنهن کي اسان جي مينڊيٽ جي حفاظت ڪرڻي آهي انهن ڌاڙو هنيو آهي، اسان جا محافظ ئي اسان جا قاتل بڻيل آهن.
هن چيو ته اسان کي گڏجي حقيقي آزادي انهن کان کسڻي آهي، وفاقي حڪومت 5 هزار 3 سئو ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، پاڪستان تي قرض 80 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، اسان کي گورننس جو مشورو ڏيندڙن ملڪ کي قرض ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.