ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ سمنڊ ڪناري هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو سڊني جي بونڊي پيچ تي پيش آيو، جتي ٻن هٿياربندن شهرين جي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 29 زخمي ٿيا آهن.
آسٽريلوي پوليس واقعي کي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو ته مارجي ويلن ۾ هڪ فائرنگ ڪندڙ به شامل آهي، جڏهن ته ٻئي حملي آور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو يهودين جي تهوار جي تقريب دوران پيش آيو، فائرنگ کانپوءِ پوليس علائقي جو گهيرو ڪري ورتو ۽ مقامي آبادي کي بيچ کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي.
هوڏانهن آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيز واقعي تي ”تڪليف ڏيندڙ“ قرار ڏنو آهي.
سڊني ۾ سمنڊ ڪناري يهودين جي تهوار جي تقريب دوران فائرنگ، 12 ڄڻا مارجي ويا
You might also like