شڪارپور آپريش: شادي ۾ شرڪت لاءِ ترسيل نوجوان اويس به مارجي ويو

شڪارپور: منچر شاھ آپريشن مارجي ويل  ڇهه مبينه جوابدارن مان ٽن ڄڻن مٿان ڪو به ڪيس ڪنھن به ٿاڻي تي درج نه ٿيل آھي پوليس ذريعن موجب مارجي ويل مبينه ڏوھاري غلام محمد بکراڻي جوا کيڏڻ لاءِ منڇر شاھ ويل ھو ته مقابلي ۾ گولي لڳي جڏھن ته نوجوان اويس شيخ شادي ۾ شرڪت لاءِ ترسيل ھو  ته آپريشن دوران مارجي ويو جڏھن ته تئين مبينه ڏوھاري  صابر شيخ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آھي جتي ھو مارجي ويل ڏوھارين جا لاش ڏسڻ لاءِ ٻين ماڻھن سان گڏ بيٺل نظر اچي رھيو آھي جڏھن ته شھمور شيخ ۽ امداد شيخ ڪجهھ ڏينھن پھريان جيل مان آزاد ٿيا ھئا ٻڌايو پيو وڃي ته چار ڏينھن بعد مارجي ويل ڏوھاري شھمور شيخ جي پٽ جي شادي رکيل ھئي سندن گھرن ۾ شادي جون تياريون ھلندڙ ھيون پوليس پاران آپريشن ڪيو ويو جنھن ۾ شھمور شيخ پھنجي ڀائرن سميت مارجي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.